Career Counseling Book Review

 ڪيريئر ڪائونسلنگ ھڪ اھم ضرورت آھي، انسان کي پنھنجي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. دنيا ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ اسان وٽ ڪيريئر ڪائونسلنگ تمام گهڻي کوٽ آھي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تہ اسڪول ۽ ڪاليج ليول تي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي لاءِ خاص استاد مقرر ڪيا ويندا آھن. جيئن ڪيريئر ڪائونسلر ٻارن جي رھنمائي ڪري سگهن. اھا رھنمائي يا صلاح مشورا صرف ڪيريئر تائين محدود نہ ھوندو آھي، بلڪه شاگرد جي عام رواجي زندگي ۾ ايندڙ ھر مسئلي ۾ انھن جي رھنمائي ڪئي ويندي آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ پاڪستان ۾ اھڙي ڪنھن بہ ڪائونسلنگ جو ڪو خاطر خواهه انتظام نہ ٿيل آھي. اسان جي نوجوان ڪافي مسئلن جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ھميشه مايوس رھي ٿو جنھن جي ڪري سڌو ان جي قابليت تي اثر پوي ٿو. ھڪ نوجوان جي قابليت جو اثر اڻ سڌي طرح سماج تي پوي ٿو. پوزيٽوٽي ان ۾ اچي ئي نہ ٿي. جڏھن ھڪ شاگرد پنھنجي ڪيريئر جي صحيح چوند بہ نہ ٿو ڪري سگهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آھي تہ شاگرد ڪنھن بہ اتفاقي طور تي ويل شعبي ۾ ڪو خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگھندو آھي، ڇو جو ھو ان ۾ صرف جان ڇڏائڻ جي پويان ھوندو آھي ۽ پنھنجي شعبي کي بار سمجهي ٿو. ان سان نہ صرف ان شخص جو نقصان ٿئي ٿو پر ان اداري ۽ ان قوم جو وڏو نقصان ٿئي ٿو.

اسان وٽ الميو اھيو آھي ته 25 سالن کان وٺي اسان پنھنجي نصاب کي تبديل نہ ڪري سگھيا آھيون. پر اھو ھڪ الڳ موضوع آهي، پر ان مان اسان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ اسان پنھنجي، پنھنجي ملڪ ۽ پنھنجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪيترو سيريئس آھيون.

خير اسان ھاڻي ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي سلسلي ۾ لکيل ٽيئن ڪتاب ڪامياب شاگرد جي باري ٿا ڳالهه ڪيون.
ڪامياب شاگرد ڪتاب جي عنوان ۾ صاف ظاھر آھي ته ھي ڪتاب پرسنل ڊولپمينٽ جي باري ۾ لکيل آهي ته ھڪ شاگرد ڪھڙي طرح پنھنجي عادتن کي مثبت طور استعمال ڪري پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب بڻجي سگھي ٿو. اڄ اسان جو نوجوان ڏاڍو مايوس ۽ جلد نتيجہ حاصل ڪرڻ جي پويان آھي. پر جلد نتيجہ تڏھن ئي اچي سگھن ٿا جڏھن اسان پاڻ کي پنھنجي پروفيشن ۾ پاڻ کي ايترو ڀڙ ڪنداسين جو جلد ۽ مڪمل نتيجہ اچن، پر ان لاءِ پاڻ کي پھرين ڪافي محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي، دنيا جي ڪامياب ماڻھن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪري پنھنجو پاڻ ۾ مثبت عادتون اپنائي ڪري سگهون ٿا. اسان جو نوجوان جلدي نتيجہ تہ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو پر انھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت، جدوجھد ۽ ڪاميابيءَ وارو رستو نٿو اپنائي. نوجوانن جي اھڙي غير ذميوار رويو ڏسي ڪري، سنڌ جي نوجوانن کي پنھنجي سمجهي، پنھنجي نوجوانن ۽ پنھنجي قوم جي رھنمائي جي لاءِ ڊاڪٽر صاحب ھي ڪتاب تشڪيل ڏنو آهي. تہ جئين سنڌ نوجوان پنھنجي زندگي ۾ ڪئين ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو.
ھن موضوع تي انگريزي زبان ۾ ڪافي ڪتاب لکيل آهن پر سنڌي زبان ۾ تمام گھٽ لکيا ويا آهن. ڊاڪٽر صاحب پاڻ ڪافي محنت ۽ ڳوڙي مطالعو کان بعد ھي ڪتاب تشڪيل ڏني آھي. جنھن کي ڊاڪٽر صاحب ٻن حصن۾ ورهايو آهي. پھرين حصي ۾ ڊاڪٽر صاحب نوجوانن کي پنھنجي ذات جي ڳولا جي تنبيهه ڪري ٿو تہ ھر شخص خاص خوبين سان نوازيل ھوندو آھي. ھر شخص کي خدا جي طرفان ھڪ خاص ڏات مليل ھوندي آھي. اگر ھڪ شاگرد، نوجوان پنھنجي ان ڏات کي سڃاڻي ٿو تہ اھو پنھنجي زندگي ۾ جلد ڪاميابي ماڻي ٿو. جڏھن ڪو شخص پنھنجي ڏات مطابق ڪم ڪندو آهي تہ ان جي زندگيءَ آسان ٿي ويندي آهي انکي پنھنجي ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي، ڪم ڪم نہ لڳندو اٿس بلڪ مشغلو لڳندو آهي. اگر توهان پنھنجي فن مطابق ڪم ڪندا تہ توھان جو ڌيان صرف ڪم طرف ھوندو ڇو جو توھان پنھنجو پاڻ کي سٺو ڪري پيش ڪندا آھيو. ڪتاب جي ھن حصي ۾ انسان جون 34 صلاحيتون خاص اھميت رکن ٿيون، جنھن ڊاڪٽر صاحب ھر ھڪ صلاحيت تي تبصرو ڪندي لکي ٿو تہ اگر انھن 34 خاص صلاحيتن مطابق پنھنجي شعبي جي چونڊ ڪنداسين تہ جلد پنھنجي شعبي ڀڙ ٿي سگھنداسين.
ھن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪاميابي جي رازن جي باري ۾ ڳالھائي ٿو تہ ھڪ ڪامياب شاگرد جي لاءِ ڇا ڪرڻ ضروري آهي ۽ ڇا نہ ڪرڻ گھرجي. ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪافي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي. جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه اھميت رکي ٿي تہ ڪيئن ھڪ شاگرد پنھنجي جادوئي ڪلاڪ (Magic Hour ) ۾ پنھنجي پان کي ڪئين تبديل ڪري سگھي ٿو. ان سان گڏوگڏ توھان کي 5 سيڪنڊ فارمولا بہ ڏنل آهي. ان سان گڏوگڏ ڪافي ٻيا بہ طريقا، عادتون ڏنل آهن جنهن ۾ اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ عمل ڪري پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. ھن ڪتاب جي آھم ڳالهه اھا بہ آھي تہ ڪافي انگريزي ۾ لکيل ڪتابن جيان ھن ڪتاب ۾ بہ ھڪ مشق ڏنل آهي جنھن کي توھان پاڻ حل ڪري اندازو لڳائي سگهو ٿا تہ توھان ڪيترا ڪامياب شاگرد آھيو.

ڊاڪٽر صاحب سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن، پاڻ سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ ھميشه فڪرمند ھوندا آھن، ھميشه اھا خواھش ھوندي آھي تہ دنيا جي باقي نوجوان جيان اسان جي سنڌ جو نوجوان ڪامياب ماڻي، دنيا جي نوجوان جي ڪامياب شاگردن جي صف ۾ شامل ھجن. ان ڏس ۾ پاڻ ڪافي دفعا ذڪر بہ ڪيو آهي، اھي ڪافي زير غور ء زير ذڪر ايندڙ ڳالهيون بہ ھن ڪتاب ۾ ڏنل آهن. ڊاڪٽر صاحب انھن ڳالھين کي ھڪ ڪتابي صورت ۾ سهيڙي سنڌ جي نوجوانن جي ضرورت کي محسوس ڪندي ڪتاب تحرير ڪيو تہ جيئن سنڌ جا نوجوان ھن ڪتاب کي پڙھي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿي پنھنجي، ۽ پنھنجي قوم جي ڀلائيءَ ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪن.
ھن ڪتاب کي لکڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڪجھ انگريزي ڪتابن جا حوالا بہ ڏنا آھن. تہ جيئن ڪير وڌيڪ پڙھن چاھي تہ اھي انگريزي زبان ۾ اھي ڪتاب بہ پڙھي سگھي. اگر ڪنھن جي انگريزي ايتري سٺي ناھي تہ انھن کي تہ ھي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي جيئن پنھنجي ڪيريئر جي صحيح چوند ڪري پنھنجي لاءِ زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪن.
مان ڊاڪٽر صاحب کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو تہ جنھن جي نوجوانن کي ھڪ اھم ڪتاب ڏنو آھي. مان سمجهان ٿو تہ ھي ڪتاب ھڪ غنيمت کان گهٽ ناهي. سنڌ جي نوجوانن کي ھي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.





Comments

Popular posts from this blog

يونيورسٽي۾ گم ٿي ويل خواب

ھڪ مھمان ڇوڪري

اوندھ ڌرتي روشن هٿ