Posts

Showing posts from August, 2019

اوندھ ڌرتي روشن هٿ

ڪتاب تي تبصرو ڪجھ ڏينهن اڳ محترم آغا سليم صاحب جو ناول “اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ پئي پڙھيو. جنهن ۾ آغا سليم صاحب سنڌ ڌرتي تي لکيو. جنهن ۾ هو سنڌ تي ٿيندڙ ظلم ، جبر، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ جيڪو سنڌ ڌرتي تاريخ ۾ سَٺو آهي. جنهن هو سنڌ ڌرتيءَ جي مختلف دؤرن مختلف حالتن جو جائزو ورتو آهي. جنهن ۾ آغا صاحب انگريزن جي حڪمراني واري دؤر جي باري ۾ لکيو آهي تہ ان وقت سنڌ جي حالت بهتر نہ هئي. اسپتالون، اسڪول ۽ ٻين انساني سهولتون ميسهر نہ هيو. آغا سليم صاحب جو هي ناول پڙهڻ کان پوءِ ان دؤر ۽ اڄ جي دؤر ۾ ڪو خاص فرق نہ اڄ بہ سنڌ جي ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن جو ڪو خاص نظام نہ آهي. اڄ بہ ائين لڳندو آهي ڄڻڪہ اڄ بہ اسين ان دؤر ۾ رهي رهيا آهيان . جتي نہ اسپتالن جي سهولت آ ۽ نہ وري اسڪولن نہ ئي پاڻي. جتي دنيا ترقي جي بلندين کي وڃي پهتي آهي اتي اسين سنڌ ڌرتي تي پنهنجن جي هٿان بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهيون.  ان دؤر جيان اڄ بہ سنڌ ڌرتي تي ظالم حڪمران آهن جيڪي هر دؤر جيان پنهنجي ۾ پورا آهن.  ‎خدارا!  ‎سنڌ ڌرتي هميشہ کان ظلم ۽ ستم سهندي آهي هاڻي تي ان تي رحم ڪيو. هاڻي تہ پنهنجن جا انصاف ڪيو .جيڪڏهن اڄ بہ سنڌ سان انصاف نہ ٿو ٿ

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

انسان ازل کان وٺي اڄ تائين جاکوڙي رهيو آهي، چاهي ڪهڙو به دور هجي ۽ ڪهڙو به ڪم هجي(تعليم،هنر، فن) هر شئ تبديل ٿيندي رهندي آهي ۽ ان تبديلي کي وڌيڪ سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ جي دور جي ڳالھ ٿا ڪريون ته چاهي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ جو هجي انھن سڀني جولاڙو تعليم ڏانھن رهيو آهي، اها ٻي ڳالھ آ هي ته ڪجھ ملڪ تعليم ۾ سڀ کان اڳتي آهن ته ڪجھ وري اڃان شروعاتي فيز ۾ آهن. انهن ترقي پزير ملڪن مان پاڪستان به آهي. اسان جي ملڪ به ڪافي ادارا آهن اعليٰ تعليم جا پر افسوس انھن جو معيار اڃان دنيا ليول تي اهڙو خاص نه آهي. بهرحال اسان هتي ڳالھ ڪنداسين ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي جي لکليل ڪتاب ” اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ جي باري ۾ .  ڊاڪٽر شاهمراد  جنھن تازو ملائشيا مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ (پي. ايڇ. ڊي) ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب پھريون شخص آهي اسان جي ڳوٺ مان جنھن (پي. ايڇ. ڊي) ڪئي آهي. پاڻ هيئنر سنڌ يونيورسٽي ۾ اسٽنٽ پروفيسر آهن. جنھن پنھنجي (پي. ايڇ. ڊي) جي دوران سنڌي شاگردن جي رهنمائي لاءِ هي ڪتاب لکيو آهي. جنھن ۾ هن ڄاڻيو آهي ته پنھنجي ملڪي تعليمي ادارن کان سواءِ ٻاهرين دنيا جي ادارن ۾ ضرور پڙه