اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

انسان ازل کان وٺي اڄ تائين جاکوڙي رهيو آهي، چاهي ڪهڙو به دور هجي ۽ ڪهڙو به ڪم هجي(تعليم،هنر، فن) هر شئ تبديل ٿيندي رهندي آهي ۽ ان تبديلي کي وڌيڪ سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ جي دور جي ڳالھ ٿا ڪريون ته چاهي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ جو هجي انھن سڀني جولاڙو تعليم ڏانھن رهيو آهي، اها ٻي ڳالھ آ هي ته ڪجھ ملڪ تعليم ۾ سڀ کان اڳتي آهن ته ڪجھ وري اڃان شروعاتي فيز ۾ آهن. انهن ترقي پزير ملڪن مان پاڪستان به آهي. اسان جي ملڪ به ڪافي ادارا آهن اعليٰ تعليم جا پر افسوس انھن جو معيار اڃان دنيا ليول تي اهڙو خاص نه آهي. بهرحال اسان هتي ڳالھ ڪنداسين ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي جي لکليل ڪتاب ” اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ جي باري ۾ .  ڊاڪٽر شاهمراد  جنھن تازو ملائشيا مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ (پي. ايڇ. ڊي) ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب پھريون شخص آهي اسان جي ڳوٺ مان جنھن (پي. ايڇ. ڊي) ڪئي آهي. پاڻ هيئنر سنڌ يونيورسٽي ۾ اسٽنٽ پروفيسر آهن. جنھن پنھنجي (پي. ايڇ. ڊي) جي دوران سنڌي شاگردن جي رهنمائي لاءِ هي ڪتاب لکيو آهي. جنھن ۾ هن ڄاڻيو آهي ته پنھنجي ملڪي تعليمي ادارن کان سواءِ ٻاهرين دنيا جي ادارن ۾ ضرور پڙهڻ کپي. هڪ ته اهي اسان کان وڌيڪ ترقي يافته آهن، ٻيو انھن جي تعليم جو معيار اسان کان وڌيڪ آهي. ٻاهرين ملڪن مان ته تعليم حاصل ڪجي پر ان لاءِ مڪمل گائيڊ جي ضرورت آهي.  جيڪا رھنمائي ۽ ڪافي سوالن جا جواب به ملندا جھڙوڪ: ته درخواست ڏيڻ جو ڇا طريقيڪار آهي، اتان جي رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ، جو ڪيترو خرچ اچي ٿو ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا سوالن جا جواب توهان کي هن ڪتاب ۾ ملي ويندا.  ڊاڪٽر صاحب پاڻ چائنا ۽ ملائيشيا مان تعليم پرائي آهيو آهي. ان کي به انهن سوالن جي ضرورت پئي هوندي تنهن ڪري ئي ته پنهنجي قوم جي خدمت جي جذبي سان پنهنجي نوجوانن جي رهنمائيءَ لاءِ هي ڪتان لکيو اٿن. هن ڪتان ۾ توهان کي دنيا جي بهترين يونيورسٽين جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. جهڙوڪ: ڪهڙي يونيورسٽي ۾ ڪهڙا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، ڪهڙيون يونيورسٽيون ڪهڙهن ڪورسن ۾ اسڪالرشس مهيا ڪري رهيون آهن. هن ڪتاب ۾ نه صرف ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي باري ۾ ٻڌايل آهي پر انهن ادارن ۾ مختلف اسڪالرشس جي باري ۾ به واضع ذڪر ٿيل آهي. هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي اِها به آهي ته هر ملڪ جي هر يونيورسٽين ۽ اسڪالرشس جي ويب سائيٽ به ڏنل آهي، جنهن ۾ توهان انهن ادارن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. مطلب ته هي پورو ڪتاب هڪ مڪمل گائيد آهي شاگردن لاءِ. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر پنهنجو، پنهنجي دوستن جو ( جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن يا پڙهي آهيا آهن) ۽ پنهنجي استادن جو ۾ ذڪر ٿيل آهي ۽ انهن جو ذاتي تجربو به ڏنل آهي. انهن مان ڊاڪٽر اسداللّه شاه جو  باقائدا انٽرويو ڏنل آهي. ڊاڪٽر اسداللّه شاه پاڻن سنڌي آهن جيڪي هن وقت انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهن، سائين اسداللّه شاه جو پورو تعارف ۽ انٽرويو هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي. شاه صاحب جو پنهنجو ذاتي تجربو شيئر ڪيو آهي جيڪو پڻ هڪ اتساهيندڙ جستجو آهي. مطلب ته هي ڪتاب خاص ڪري سنڌي شاگردن لاءِ سون جي کاڻ جي حيثيت رکي ٿو.
مدير احمد چانڊيو

Comments

Popular posts from this blog

يونيورسٽي۾ گم ٿي ويل خواب

ھڪ مھمان ڇوڪري

اوندھ ڌرتي روشن هٿ