اوندھ ڌرتي روشن هٿ

ڪتاب تي تبصرو
ڪجھ ڏينهن اڳ محترم آغا سليم صاحب جو ناول “اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ پئي پڙھيو. جنهن ۾ آغا سليم صاحب سنڌ ڌرتي تي لکيو. جنهن ۾ هو سنڌ تي ٿيندڙ ظلم ، جبر، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ جيڪو سنڌ ڌرتي تاريخ ۾ سَٺو آهي. جنهن هو سنڌ ڌرتيءَ جي مختلف دؤرن مختلف حالتن جو جائزو ورتو آهي. جنهن ۾ آغا صاحب انگريزن جي حڪمراني واري دؤر جي باري ۾ لکيو آهي تہ ان وقت سنڌ جي حالت بهتر نہ هئي. اسپتالون، اسڪول ۽ ٻين انساني سهولتون ميسهر نہ هيو.
آغا سليم صاحب جو هي ناول پڙهڻ کان پوءِ ان دؤر ۽ اڄ جي دؤر ۾ ڪو خاص فرق نہ اڄ بہ سنڌ جي ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن جو ڪو خاص نظام نہ آهي. اڄ بہ ائين لڳندو آهي ڄڻڪہ اڄ بہ اسين ان دؤر ۾ رهي رهيا آهيان . جتي نہ اسپتالن جي سهولت آ ۽ نہ وري اسڪولن نہ ئي پاڻي.
جتي دنيا ترقي جي بلندين کي وڃي پهتي آهي اتي اسين سنڌ ڌرتي تي پنهنجن جي هٿان بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهيون.
 ان دؤر جيان اڄ بہ سنڌ ڌرتي تي ظالم حڪمران آهن جيڪي هر دؤر جيان پنهنجي ۾ پورا آهن.
 ‎خدارا!
 ‎سنڌ ڌرتي هميشہ کان ظلم ۽ ستم سهندي آهي هاڻي تي ان تي رحم ڪيو. هاڻي تہ پنهنجن جا انصاف ڪيو .جيڪڏهن اڄ بہ سنڌ سان انصاف نہ ٿو ٿئي تہ ڪڏهن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو؟
 مدير احمد

Comments

Popular posts from this blog

يونيورسٽي۾ گم ٿي ويل خواب

ھڪ مھمان ڇوڪري