يونيورسٽي۾ گم ٿي ويل خواب

ناول: يونيورسٽي۾ گم ٿي ويل خواب
ليکڪ: عبدالرافع شيخ
تبصرو ڪندڙ: مدير احمد


ڄامشورو شهر سنڌ جي محبتن وارو شھر سڏبو تہ ان ۾ ڪو عيب ناهي، ڄامشوري شھر تي ھزارين ليکڪن لکيو آهي، ۽ ھن شھر ۾ ھزارين عشق ۽ محبتون دفن ٿيل آهن ۽ ھزارين عشق ۽ محبتون پروان چڙهيون آھن. ڄامشوري تي ايترو لکيو ويو آ شايد ئي ڪو شھر ھجي جنھن تي ايترو لکيو ويو ھجي، چاھي اھا ڄامشوري جي ھوا ھجي، يا پٿر ھجن، يونيورسٽي ھجي يا ڦاٽڪ شاگرد ھجي يا استاد، ڇوڪرو ھجي يا ڇوڪري مرد ھجي يا عورت مطلب زندگي جي ھر پھلو تي ڄامشوري مٿان لکيو ويو آهي.

ڄامشوري ۾ قديم ۽ سنڌ جي عظيم يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي تہ انھن معاملن ۾ سڀ کان اڳتي رھي آھي، سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ ڪافي ناول لکجي چڪا آهن پر اڄ مھراڻ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل ناول پڙھي ڏاڍي خوشي ٿي تہ مھراڻ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ بہ ناول لکيل آهي. ھي ناول عبدالرافع شيخ ( جيڪو ناول جو مرد ڪردار بہ آھي) جو لکيل آهي جيڪو 94 بيچ سول انجينئرنگ جو شاگرد آهي. ۽ سماني (ناول جو عورت ڪردار) 93 بيچ سول جي ئي شاگردياڻي آھي.

ھر شاگرد جيان عبدالرافع بہ گھران يونيورسٽي جا خواب ڏسي يونيورسٽي جو تصور جوڙي مھراڻ يونيورسٽي۾ اچي ٿو، تہ يونيورسٽي۾ ھي شي ھئين ھوندي ھن کي اسان ھئين ھيندل ڪنداسين. مطلب تہ ھر شاگرد وانگر يونيورسٽي کي تعليم، پيار ۽ عشق جو ادارو سمجھي پھچي ٿو. ھر شاگرد جيان عجيب خواھشون من رکي اچي ٿو، جيڪي اڪثر شاگردن جو تہ پوريون ڪون ٿينديون آهن. وري بہ ڪي خوشنصيب ھوندا آھن جن کي اھو شرف حاصل ٿيندو آهي جنهن جو انت ھميشه ڏاڍو ڀوائتو ھوندو آھي.
ھن ناول ۾ عبدالرافع ۽ سماني جو عشق تہ گھٽ ڏيکاريل آهي پر ان ناول ۾ ان وقت جي مھراڻ يونيورسٽي جي حالت تمام بھترين نموني سان پيش ڪئي وئي آهي. ڪامريڊن جي ڏاڍين، سختين، نرمين، چڱياين کي ڏاڍي ڀلي ريت پيش ڪيو ويو آهي. ھن ناول گھڻو حصو توھان کي ائين لڳندو ڄڻ توھان ڪنھن جي ڊائري پڙھندا ھجو. ڪامريڊن جي ريگنگ کان وٺي ڪلاسن جي بائيڪاٽن تائين ھر ھڪ پھلو کي تمام سٺي طرح پيش ڪيل آھي، اھي ڳالهيون شايد اڄ جي شاگردن کي سمجھ ۾ نہ اچن تہ ائين ڪئين ٿي ٿئي سگھيو. اڄ ڪلھ جيڪي شيون ناممڪن آھن اھي تڏھن روز جو معمول ھيو. ھن ناول ۾ بوائيز ھاسٽل مان لطيف جو ۽ گرلس ھاسٽل مان بختاور ۽ مارئي ھاسٽل جو بہ ذڪر ٿيل آهي، اڪثر رافع ۽ سماني آڊيٽوريم جي پويان ملاقاتون ڪندا هئا، ھن ناول ۾ ھڪ شئ اھڙي تہ عجيب لکيل آهي جو پيار ڪندڙ جوڙو ڪامريڊن جي مار کان بچڻ لاءِ اھڙا تہ ھيلا بھانا ھلائندا ھئا جو « بقول ليکڪ جي تہ ھن پنھنجي دوست جي چاچي کي يونيورسٽي ۾ اھڙي طرح پنهنجو پئُ پيش ڪيو ۽ ھڪ اداڪاري نموني ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ خاص ڪري شاگردن کي اھو ڀانور ڪرائڻ لاءِ تہ سماني ۽ رافع منڱڻي ڪئي آھي» عشق ڇا ڇا نہ ڪرائي ٿو ھڪ انسان کان.
بھرحال ھن ناول جو بہ ساڳيو حال آھي ھن ناول ۾ بہ سماني ۽ رافع سماج ھٿان مجبور ڪيا ٿا وڃن، ۽ ھر عام راوجي ڪھاڻي جيان ھن ناول ۾ بہ رافع ۽ سماني ھڪ ٿي نہ ٿا سگھن.

آخر ائين ڇو ٿيندو آهي اسان سماج جي ھٿان ڇو مجبور ڪيا ويندا آھيون، ڇو نہ ھڪ پيار ڪندڙ جوڙي کي جيڪي 4 سال گڏ رھندي ھڪٻئي کي ڪافي گھرائي تائين سڄاڻي وٺن ٿا پو ڇو نہ اسان ھنن ھڪ ھڪ ٿيڻ ڏيندا آھيون، تہ جيئن ھو پنھنجي باقي زندگي بہ بھترين نموني ۽ پيار محبت سان گذارن.

Comments

Popular posts from this blog

ھڪ مھمان ڇوڪري

اوندھ ڌرتي روشن هٿ