Posts

Showing posts from June, 2021

Career Counseling Book Review

Image
  ڪيريئر ڪائونسلنگ ھڪ اھم ضرورت آھي، انسان کي پنھنجي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. دنيا ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ اسان وٽ ڪيريئر ڪائونسلنگ تمام گهڻي کوٽ آھي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تہ اسڪول ۽ ڪاليج ليول تي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي لاءِ خاص استاد مقرر ڪيا ويندا آھن. جيئن ڪيريئر ڪائونسلر ٻارن جي رھنمائي ڪري سگهن. اھا رھنمائي يا صلاح مشورا صرف ڪيريئر تائين محدود نہ ھوندو آھي، بلڪه شاگرد جي عام رواجي زندگي ۾ ايندڙ ھر مسئلي ۾ انھن جي رھنمائي ڪئي ويندي آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ پاڪستان ۾ اھڙي ڪنھن بہ ڪائونسلنگ جو ڪو خاطر خواهه انتظام نہ ٿيل آھي. اسان جي نوجوان ڪافي مسئلن جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ھميشه مايوس رھي ٿو جنھن جي ڪري سڌو ان جي قابليت تي اثر پوي ٿو. ھڪ نوجوان جي قابليت جو اثر اڻ سڌي طرح سماج تي پوي ٿو. پوزيٽوٽي ان ۾ اچي ئي نہ ٿي. جڏھن ھڪ شاگرد پنھنجي ڪيريئر جي صحيح چوند بہ نہ ٿو ڪري سگهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آھي تہ شاگرد ڪنھن بہ اتفاقي طور تي ويل شعبي ۾ ڪو خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگھندو آھي، ڇو جو ھو ان ۾ صرف جان ڇ