عزت

عزت جي لفظي معنيٰ آھي احترام، مانُ، آداب. عزت صرف ماڻھن لاءِ نہ پر شين، چيزن، جانورن مطلب تہ ھر شيءِ جي لاءِ عزتون ھونديون آھن، صرف انھن جو معيار الڳ ھوندو آھي، تيئن وري ھر ماڻھوءَ لاءِ الڳ عزتون ھونديون آھن. جيئن ماءُ پيءُ لاءِ الڳ عزتون ھونديون آھن تہ وري ڀائر ڀينرن لاءِ الڳ تہ استادن لاءِ الڳ، مٽ مائٽ لاءِ الڳ تہ پاڙي وارن لاءِ الڳ مطلب ھر ڪنھن جي لاءِ عزت جو معيار الڳ ھوندو آھي. عزت اھا نہ ھوندي آھي تہ اسان ڪنھن کان ڪيترو ڊڄون ٿا، يا انھن جي ڊپ کان اسان ڪي خاص ڪم جيڪي اسان ڪرڻ چاھيون ٿا، اسان ڪرڻ گھرجن ۽ اخلاق جي دائري۾ ھجن پر ان ڪري نہ ڪندا ھجئو جو اسان ڪنھن کان ڊڄو ٿا يا انھن جي عزت ڪيون ٿا، عزت ڪرڻ ۽ ڊڄڻ ٻئي الڳ شيون آهن. عزت اھا نہ ھوندي آھي جو اسان ماڻھن جي ھر وقت جي سائين، جي سائين ڪندا وتئون. عزت اھا نہ ھوندي آھي تہ اسان (ڪنھن سان ڏيکاءَ خاطر) انھن سان جھڪي ملئون. اھا عزت نہ چئبي آھي جيڪا ڊپ يا خوف کان ڪئي وڃي. خوف ۽ ڊپ واري عزت گھٽ زلت وڌيڪ آھي. زبردستي عزت وٺندڙ ۽ ڏيندڙ ٻئي ھڪ ٻئي مان خوش نہ ٿا ٿي سگھن. زبردستي واري عزت رڳو ڪوڙ ۽ ٺڳي تي ٻڌل هوندي آهي. بس ھرڪو واھ واھ جي چڪر پيو ڪوڙي عزت جا ڍونگ رچائي. اھڙي ڍونگ ۽ ناٽڪ واري عزت شل! رب بچائي. عزت صرف منھن تي يا سامھون ھوندي ڪرڻ جي شيءِ ناھي. حقيقي عزت ان کي ملندي جيڪو پاڻ بہ ٻين جي حقيقي عزت ڪندو آھي. حقيقي عزت مان مراد اھا عزت جيڪا دل سان ڪئي ويندي ھجي. عزت اھا نہ ھوندي آھي جيڪا توھان سان توھان جي منھن تي صرف ڏيکاءَ لاءِ ڪري بلڪ عزت تہ دل سان ڪئي ويندي آهي. باقي زبان سان ڪوڙي ڏيکاءَ لاءِ ڪئي ويندڙ عزت نہ ھوندي آھي، بلڪ اھا تہ منافقت ھوندي آھي. جنھن لاءِ توھان وٽ عزت ھوندي آھي انھن وٽ توھان لاءِ دل ۾ دغا ۽ منافقت نہ ھوندي آھي، جيڪا انھن وٽ دل ۾ عزت ھوندي آھي اھا ئي زبان ۽ عمل ۾ بہ ھوندي آھي. اھي توھان لاءِ معتبر ھوندا آھن ۽ اھڙن ماڻھن لاءِ توھان جي دل بار بار ملڻ تي چوندي آهي جنهن سان توھان وٽ حقيقي عزت ھجي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تہ اسان وٽ عزت ان کي سمجھيو ويندو آھي جتي جي سائين، جي سائين، جي حضور جا دؤر ھلندا ھجن. اگر توهان ڪٿي ڀلجي بہ ڪٿي جي سائين چوڻ وسري ويو گويا توھان انھن جي بي ادبي ڪئي ۽ توھان کان ھڪ وڏو گناھ ٿي ويو ھجي. اھا جي سائين واري عزت ڪوڙي خوشامندي ھوندي آھي جنھن ۾ ٻنھي ڌرين وٽ مفاد ھوندا آھن. ۽ اسان جو معاشرو بہ ان ڪوڙي خوشامندي عزت ۾ ورتل آهي.

Comments

Popular posts from this blog

يونيورسٽي۾ گم ٿي ويل خواب

ھڪ مھمان ڇوڪري

اوندھ ڌرتي روشن هٿ