ھڪ مھمان ڇوڪري

ڪتاب: ھڪ مھمان ڇوڪري
ليکڪ: انور ابڙو
تبصرو ڪندڙ: مدير احمد
انور ابڙو صاحب سنڌي ادب ۾ ڪنھن تعارف جو محتاج نہ آهي. انور ابڙو سنڌيءَ ۾ ڪافي ڪتاب ڏنا آهن، جنھن ۾ ٻاراڻي ادب کان وٺي شاعري، ڪھاڻيون، ڪالم، ترجما ۽ ناول لکيل آھن. جنھن مان انور ابڙو صاحب جو ھي ناول ھڪ شاھڪار ناول لکيل آهي.
انور ابڙو مھراڻ يونيورسٽي جي ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ جو شاگرد رھي چڪو آھي.

ناول جا ڪردار:
سوڍو، انا ۽ چندرا آھن.

ھن ناول جي شروعات روايتي ناولن کان ھٽي ڪري ھڪ رانگ نمبر جي ڪال تان شروع ٿئي ٿي، جنھن ۾ سوڍي کي ھڪ رانگ نمبر تان ڪال اچي ٿي، اھا رانگ نمبر واري ڪال اي ميل کان ٿيندي ٿيندي فيسبڪ تائين وڃي ٿي جنھن ۾ سوڍو ۽ انا پيار ڀرويون ڳالهيون ڪن ٿا رسن بہ ٿا پرچن بہ ٿا ھڪ ٻئي کي ميچوئير ٿي ڪري سمجھائن بہ ٿا. آخر ڪار اھا رانگ نمبر واري ڪال ھلندي ھلندي ڪئين پيار ۾ مٽجي وڃي ٿي، ۽ ڪئين ان نئي ٽيڪنالاجي سان ھڪ پيار جي شروعات ٿئي ٿي. ھڪ بھترين قلمڪاري ٿيل آهي.
ھن ناول ۾ محبت جي شروعات ھڪ عجيب طريقي سان شروع ٿي آھي، اڪثر محبت اکين کان شرع ٿي دل تائين پھچندي آھي پر ھن ناول ۾ ان جي ابتڙ لکيل آهي، جيڪا محبت دل کان شروع ٿي اکين تائين پھچي ٿي.

ھن ناول کي پڙھندي ھڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي وڃي ٿي، جنھن ۾ پڙھندڙ کي پنھنجا جذبات ڪٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پون ٿا. سوڍي ۽ انا جي ٿيل اي ميل واري ڪچھري پڙھندڙ تي سڪتو تاري ڪري ڇڏي ٿي. انھن جي اي ميل ۾ ٿيل پيار ڀرويون ڳالهيون، ڪاوڙ، قرب، ھڪ ٻئي کي سمجھاڻيون، مطلب تہ ھڪ بھترين ۽ منفرد طريقي سان زندگيءَ جا روز مره جا مسئلا بھترين نموني سان پيش ڪيا ويا آهن. انھن جي ان گفتگو جي دوران ھو سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ نا انصافين کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڪيئن نہ ھر عورت چاھي ڪيتري بہ پڙھيل لکيل ڇو نہ ھجي پر سماج جي ھٿان ڪيترو نہ لاچار ۽ بي بس ٿي وڃن ٿيون ۽ پنھنجي ڪيل واعدن کي، پيار کي ۽ پنھنجن خوابن کي دفن ڪر ٿيون ڇڏن.

ھن ناول صرف پيار ڀرويون ڳالهيون ئي نہ پر سنڌ جي پوري حالت بہ بيان ٿيل آهي، سوڍو انا کي اي ميل ڪري سنڌ جي حالت ٻڌائي روئي پئي ٿو جنھن ۾ ھڪ نون سالن جي ڇوڪري سان زيادتي ڪري زندہ ساڙڻيو ويندو آهي، جنھن جي لاءِ ليکڪ لکي ٿو تہ « جيڪي نياڻين سان ھراسمينٽ ۾ involve ٿين ٿا، اُهي پڪ سان سنڌي نہ ٿا ٿي سگھن. اُھي تہ انسان بہ نٿا ٿي سگھن........
سنڌي ھجن ھا تہ نياڻين کي کي ست قرانن برابر سمجھن ھا.........
اِھي تہ ھلاڪو ۽ چنگيز خان جي ڪڙم جا ٿا لڳن.»

ھن ناول جي ھڪ منفرد ڳالھہ اِھا بہ آھي تہ اڪثر ناول صرف مرد يا عورت جي مدِ نظر ۾ لکيا ويا آهن، صرف مرد يا عورت جي ڪيفيت بيان ڪئي ويندي آهي، پر ھن ناول ۾ جيڪي سوڍي ۽ انا جون اي ميل آھن، انھن ۾ ٻنھي مرد ۽ عورت جي تڪليفن ڏکن جي ڪيفيت کي سٺي نموني پيش ڪيو ويو آهي.
انھن جي ڳالهه ٻول جي دؤران ھو ھڪٻئي کي خوابن خيالن ۾ تصور ڪندي ملن ٿا اھا انھن جي اھا پھرين ۽ آخري ملاقات ثابت ٿئي ٿي.
آءُ اھو ضرور چوندس تہ ھي ھڪ سنڌي ادب ۾ بلڪل نئي قسم ۽ جديد دور جي حالتن سان ٺھڪي ايندڙ ناول آھي، ھي ناول اڄ جي نوجوان جي اندر وٽان لکيل آهي ۽ روشن خيال پڙھندڙن کي ضرور پسند ايندو.


Comments

Popular posts from this blog

يونيورسٽي۾ گم ٿي ويل خواب

اوندھ ڌرتي روشن هٿ